’آزاد‘ قربان فقير لنجواڻي

’آزاد‘ قربان فقير لنجواڻي

فقير قربان لنجواڻي آزاد

فقير قربان لنجواڻي آزاد : استاد، شاعر ۽ لطيف جي راڳي فقير قربان ’آزاد‘ لنجواڻيءَ، 5 مارچ 1938ع تي تعلقي هالا جي ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻيءَ ۾ فقير مير محمد ’ميري فقير‘ جي گهر جنم ورتو. هو سنڌي فائينل پاس ڪري پرائمري استاد بڻيو. هن 17 سالن جي عمر کان شاعري شروع ڪئي. غزل، وائي، ڪافي، نوحا، مرثيه، قصيدا ۽ ٽيهه اکريون لکيون اٿس. شعر ۾ سندس رهنمائي نور حسين شاهه بخاري ۽ سندس فرزند خيرات حسين شاهه خيرپور واري ڪئي. مخدوم طالب المولى، مخدوم امين فهيم، انور هالائي ۽ انيس هالائي سندس همعصر ۽ دوست رهيا. 1983ع ۾ رٽائر ڪيائين. بعد ۾ هن سمورو عرصو پنهنجي ننڍپڻ واري مشغلي، لطيفي راڳ ۾ گذاريو. پنهنجي والد ميري فقير سان گڏ ڀٽ ڌڻيءَ جي درگاهه تي راڳ ڳائيندو هو. راڳ جي سکيا بعد تنبورو سنڀاليائين ۽ عمر جي آخري حصي تائين شاهه لطيف جا بيت ۽ وايون ڳائيندو رهيو. فقير قربان ’آزاد‘ سنڌ کان علاوه آمريڪا، فرانس، روس ۽ انگلينڊ سميت ٻين ملڪن ۾ به لطيفي راڳ پيش ڪيو. ايران ۽ عراق ۾ زيارتون ڪيائين. فقير قربان کي ٻه ڀيرا ’لطيف ايوارڊ‘ به مليو. کيس ثقافت کاتي سنڌ پاران لائيف اچيومنٽ ايوارڊ پڻ مليو. ان کانسواءِ سندس نالو صدارتي تمغه امتياز (2003ع) لاءِ پڻ نامزد ٿيو. هن 24 فيبروري 2004ع تي وفات ڪئي. سندس تصنيفن جو تفصيل هن ريت آهي: (1) سلسله فرياد (1964ع)، (2) فرياد (1986ع)، (3) گلستان فرياد (1988ع)، (4) هم شڪل پيمبر (1994ع)، (5) مرثيه جناب رباب سلام عليها (1998ع)، (6)، شبستان ماتم (سرائيڪي ۽ اردو: 2004ع). ان کانسواءِ سندس ’ديوان آزاد‘ پڻ ڇپائيءَ جي انتظار ۾ آهي. قربان فقير مزاحيه شاعري پڻ ڪئي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.03.05  عيسوي

استاد، شاعر ۽ لطيف جي راڳي فقير قربان لنجواڻيءَ، 5 مارچ 1938ع تي تعلقي هالا جي ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻيءَ ۾ فقير مير محمد ’ميري فقير‘ جي گهر جنم ورتو.


2004.02.24  عيسوي

فقير قربان لنجواڻي آزاد 24 فيبروري 2004ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ساحر لڌيانوي
خليل عارف سومرو
خواجه غلام حسين ملنگ
شگفته شاهه
رضوي همت علي شاهه
احمد خان مدهوش
پورن هولا رام تيجڀانداس
پلي مل محمود
احساس ميرل
زمان شاهه ساقي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون